سيوهڻ(ن س)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته اٺاويهين ترميم بابت پاڪستان پيپلز پارٽي سان ڪنهن به قسم جي ڳالهه ٻولهه نه ڪئي وئي آهي، ۽ نه ئي نئين ترميم جو مسودو يا ڊرافٽ شيئر ڪيو ويو آهي۔
سيوهڻ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته نه ڪا ترميم آهي، نه صوبن بابت ڪا ڳالهه ٿي آهي، ۽ نه ئي ڪنهن شهر کي الڳ ڪرڻ بابت بحث ٿيو آهي۔ هن چيو ته پيپلز پارٽي جي رضامندي کان سواءِ اسيمبلي مان ڪا به ترميم منظور نٿي ٿي سگهي۔
مراد علي شاهه چيو ته سڄي دنيا ۾ ايران ۽ آمريڪا جي جنگ سبب مهانگائي ۾ اضافو ٿيو آهي۔ اسان جي ڪوشش آهي ته نئين بجيٽ ۾ غريب عوام تي وڌ کان وڌ گهٽ بار پوي۔ پگهارن ۾ واڌ جو فيصلو وفاق سان مشاورت کان پوءِ ڪيو ويندو۔
هن وڌيڪ چيو ته اسان وٽ وسيلن جي سخت کوٽ آهي، ترقياتي اسڪيمون خطري ۾ پئجي ويون آهن۔ مان ننڍا ننڍا ضلعا ٺاهڻ جي خلاف آهيان، ڇاڪاڻته ان سان خرچ وڌن ٿا ۽ نيون آفيسون ٺاهڻيون پون ٿيون۔
هن چيو ته وفاق سان ڳالهه ٻولهه جاري آهي، ۽ ايف بي آر جي ڪُل وصولين بابت اڃا واضح انگ اکر نه مليا آهن۔










