ڪميشن ۾ ٻه نيون سياسي پارٽيون رجسٽرڊ، سربراهن جا نالا ظاهر

ڪميشن ۾ ٻه نيون سياسي پارٽيون رجسٽرڊ، سربراهن جا نالا ظاهر

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن ۾ ٻه نيون سياسي پارٽيون رجسٽرڊ ڪيون ويون آهن.اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب آزاد عوام پاڪستان پارٽي ۽ نقشبندي نظام پارٽي رجسٽرڊ ڪيون ويون آهن.نوٽيفڪيشن موجب آزاد عوام پاڪستان پارٽي جو سربراهه محمد علي آهي، جڏهن ته نقشبندي نظام پارٽي جو چيئرمين خالد زمان آهي.اليڪشن ڪميشن نئين سياسي پارٽين جي انٽرا پارٽي چونڊن کي تسليم ڪيو آهي.ٻن نئين سياسي پارٽين جي رجسٽريشن کان پوءِ اليڪشن ڪميشن ۾ رجسٽرڊ سياسي پارٽين جو تعداد 170 تائين پهچي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو