اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ جي هدايت تي قومي اسيمبلي جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو خاص اجلاس ڪالهه اڱاري ڏينهن طلب ڪيو ويو جنهن ۾ پنجاب ۾ چونڊن لاءِ فنڊن جي فراهمي جو جائزو ورتو ويو.اسيمبلي سيڪريٽريٽ مان جاري ڪيل پڌرائي موجب قومي اسيمبلي جي ميمبر قيصر شيخ جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سپريم ڪورٽ اسٽيٽ بئنڪ کي پنجاب ۾ چونڊون ڪرائڻ لاءِ جاري ڪيل حڪمن جو جائزو وٺندي.اجلاس ۾ اٽارني جنرل، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر ۽ آڊيٽر جنرل کي خاص طور تي شرڪت جي دعوت ڏني وئي آهي. ان کان علاوه واپار واري وزير سيد نويد قمر کي به دعوت نامو جاري ڪيو ويو آهي.










