ڪمشنر حيدرآباد جي صدارت هيٺ اجلاس، اهم فيصلا

ڪمشنر حيدرآباد جي صدارت هيٺ اجلاس، اهم فيصلا

دادو(ن سنڌيار) ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد نديم الرحمان ميمڻ ۽ ڊي آءِ جي حيدرآباد پير محمد شاهه جي صدارت هيٺ مڪاني ادارن جي چونڊن لاءِ ضابطه اخلاق،سڪيورٽي ۽ امن امان جي صورتحال کي برقرار رکڻ لاءِ دربار هال ڊي سي آفيس دادو ۾ گڏجاڻي ٿي گذري ۾ جنهن ۾ ڊپٽي ڪمشنر ۽ ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسر دادو سيد مرتضي علي شاھ، ايس ايس پي عرفان علي سمون، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر1 غلام ياسين عباسي کان علاوه سمورن رٽرننگ ۽ اسسٽنٽ رٽرننگ آفيسرن سميت مختلف کاتن جي آفيسرن، اميدوارن ۽ مختلف سياسي پارٽين جي نمائندن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد نديم الرحمان ميمڻ چيو ته مڪاني چونڊن کي صاف، شفاف، منصفاڻه ۽ غير جانبدار بڻائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوششون ڪيون پيون وڃن، جڏهن ته اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل ضابطه اخلاق سميت امن امان جي صورتحال کي پڻ يقيني بڻايو ويندو. هن چيو ته امن امان جي صورتحال کي برقرار رکڻ لاءِ انتهائي حساس ۽ حساس پولنگ اسٽيشنن سميت ضرورت مطابق ٻين پولنگ اسٽيشنن تي پڻ پوليس سان گڏ رينجرز کي به مقرر ڪيو ويندو. ڊويزنل ڪمشنر چيو ته اليڪشن واري ڏينهن ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ کانسواءِ ڪنهن به ايم اين اي يا ايم پي اي کي پولنگ اسٽيشن تي وڃڻ جي اجازت نه هوندي، جڏهن ته ڪو به سرڪاري ملازم چونڊ مهم ۾ شامل نه ٿيندو، خلاف ورزي ڪندڙن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي هن چيو ته اميدوارن ۽ ووٽرن جي جان و مال جي حفاظت لاءِ موثر قدم کنيا ويندا ان موقعي تي ڊي آءِ جي حيدرآباد پير محمد شاهه چيو ته عوام جي جان و مال جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ لاءِ ضلعي ۾ موجود پوليس فورس کان علاوه وڌيڪ پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويندا هن چيو ته لائسنس يافته هٿيارن جي نمائش تي به مڪمل پابندي هوندي ۽ ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته ضابطه اخلاق موجب پرزائيڊنگ آفيسر کانسواءِ ڪنهن کي به پولنگ اسٽيشنن تي ڪيمرا يا موبائيل فون کڻي وڃڻ جي اجازت نه هوندي، جڏهن ته چونڊن واري ڏينهن شهري علائقن ۾ پولنگ اسٽيشنن کان 100 ميٽر ۽ ٻهراڙي وارن علائقن ۾ 200 ميٽرن جي مفاصلي تي ڪيمپون لڳائڻ جي اجازت هوندي، سمورا ووٽر پنهنجون گاڏيون انهن ڪيمپس تي پارڪ ڪرڻ بعد ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ لاءِ پولنگ اسٽيشن تائين پيدل وڃڻ جا پابند هوندا ڊي آءِ جي واضح ڪيو ته 21 جولاءِ 2022 تي رات 12 وڳي کان پوءِ اميدوارن يا سندس سپورٽرن کي ڪنهن به قسم جي جلسي، جلوس، ڪارنر ميٽنگ ۽ ٻين سرگرمين جي اجازت نه هوندي. ان کان اڳ ڊپٽي ڪمشنر ۽ ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسر سيد مرتضيٰ علي شاھ اجلاس کي اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل ضابطه اخلاق بابت تفصيلي بريفنگ به ڏني

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو