ڪمزور معاشي پاليسين تي حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏيڻ جو فيصلو

ڪمزور معاشي پاليسين تي حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏيڻ جو فيصلو

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پيپلز پارٽي ڪمزور معاشي پاليسين جي معاملي تي وفاقي حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. ذريعن موجب بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت هيٺ پيپلز پارٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ بلاول ڀٽو زرداري کي ملڪ جي معاشي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي، پيپلز پارٽي ملڪي معيشت جي خراب حالت تي خدشن جو اظهار ڪيو.پ پ چيئرمين بجلي جي وڌيڪ بلن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته حڪومت عوام سان ڪيل واعدا پورا ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي وئي آهي. بلاول ڀٽو ترقياتي بجيٽ ۾ ڪٽ لڳائڻ ۽ پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز جي آمريڪا ۾ اشتهاري مهم تي خدشن جو اظهار ڪندي چيو ته ڏسڻو پوندو ته ترقياتي بجيٽ تي ڪٽ لڳائي سبسڊي ڪٿي استعمال ڪئي پئي وڃي.پ پ چيئرمين چيو ته هڪ طرف ملڪي کي معاشي پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي ته ٻئي طرف آمريڪا ۾ پنجاب جي وزيراعليٰ جا مهانگا اشتهار لڳايا پيا وڃن. پنجاب ۾ ڪهڙو آءِ ٽي انقلاب آندو پيو وڃي جنهن جا اشتهار نيويارڪ ۾ لڳرايا پيا وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو