آءِ جي لاءِ نئون نالو نه ڏبو، سعيد غني، امام جي وزيراعظم سان ملاقات

آءِ جي لاءِ نئون نالو نه ڏبو، سعيد غني، امام جي وزيراعظم سان ملاقات

اسلام آباد /ڪراچي (بيورو رپورٽ /اسٽاف رپورٽر) سنڌ پوليس جي سربراهه ڪليم امام اربع تي وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ڪئي آهي ۽ وزيراعظم کيس سيڪريٽري نارڪوٽڪس ڊويزن مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هوڏانهن سنڌ جي اطلاعات واري وزير سعيد غني پريس ڪانفرنس ۾ اعلان ڪيو آهي ته سنڌ جي آءِ جي جي نون نالن تي مشاورت نه ڪنداسين ۽ نه وري ڪو نئون نالو ڏينداسين. هن چيو ته جڏهن وزيراعظم سان معاملو طئي ٿي ويو ته پوءِ واري ڇا جي مشاورت؟ هن چيو ته لڳي ٿو ته ڪابينا کي به وزيراعظم تي ڀروسو ناهي. هن چيو ته هڪ ملڪ ۾ 2 قانون هلي رهيا آهن. آءِ جي مقرري لاءِ خيبرپختونخواه ۽ پنجاب لاءِ ڌار قانون آهي ۽ سنڌ لاءِ ڌار قانون آهي. وزيراعظم عمران خان جي گهرائڻ تي آِءِ جي ڪليم امام اسلام آباد پهتو جتي ان جي وزيراعظم سان ملاقات ٿي ان دوران آءِ جي سنڌ صوبي ۾ امن امان جي صورتحال تي وزيراعظم کي بريفنگ ڏني. ذريعن مطابق آءِ جي سنڌ جو چوڻ هو ته مان پنهنجو ڪم نيڪ نيتي سان ڪيو آهي ۽ منهنجو رڪارڊ سڀني جي سامهون آهي. ڪليم امام جو وڌيڪ چوڻ هو ته  مان ڪڏهن به ذاتيات کي ميرٽ تي ترجيح ناهيان ڏيندو پاڪستان حڪومت جو ملازم آهيان پاڪستان جي آئين مطابق ڪم ڪرڻ جو پابند آهيان ان ڪري حڪومت جتي به مون کي مقرر ڪندي مون کي ڪو به اعتراض نه هوندو. هي به پڙهو

ذريعن مطابق وزيراعظم ۽ آءِ جي سنڌ وچ ۾ ملاقات خوشگوار گذري ۽ وزيراعظم ڪليم امام کي وفاق ۾ اهم ذميواري ڏيڻ جو اشارو ڏنو ذريعن مطابق آءِ جي سنڌ ڪليم امام کي سيڪريٽري نارڪوٽيڪس ڊويزن مقرر جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته سنڌ ڪابينا 15 جنوري تي آءِ جي ڪليم امام جون خدمتون وفاق حوالي ڪرڻ جي منظوري ڏني هئي جنهن کان پوءِ وفاق طرفان آءِ جي جي بدلي وفاقي ڪابينا جي منظوري سان مشروط ڪيو ويو هو پر ڪابينا آءِ جي سنڌ جي مقرري جو معاملو وزيراعليٰ ۽ گورنر حوالي ڪيو. ڪابينا جي فيصلي کان پوءِ سنڌ حڪومت وفاق کي اهو پيغام ڏنو ته نئين آءِ جي لاءِ وڌيڪ نالا نه ڏنا ويندا ۽ حڪومت جي تجويز ڪيل نالن مان ئي ڪنهن آفيسر کي آءِ جي مقرر ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو