ڪشمير ۽ فلسطين لاءِ اسلامي دنيا ڪجهه نه ڪيو، وزيراعظم

ڪشمير ۽ فلسطين لاءِ اسلامي دنيا ڪجهه نه ڪيو، وزيراعظم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته او آءِ سي روس ۽ يوڪرين تڪرار جي حل لاءِ ڪردار ادا ڪري، عالمي قانون، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن باوجود فلسطين ۽ ڪشمير ۾ مسلمانن کي بنيادي حقن کان محروم رکيو پيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48هين اجلاس جي افتتاحي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. او آءِ سي جو سيڪريٽري جنرل حسين ابراهيم طحهٰ، اسلامي ترقياتي بئنڪ جي صدر سليمان الجاسر، سعودي پرڏيهي وزير فيصل فاران بن آل سعود، چين جي پرڏيهي وزير وانگ زي، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، قازقستان جي نائب وزيراعظم، تيونس جي پرڏيهي وزير ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. پرڏيهي وزيرن جي 48 هين ڪائونسل جي شرڪت ڪندڙن کي ڀليڪار ڪندي وزيراعظم پنهنجي خطاب ۾ چيو ته توهان هڪ اهڙي وقت ۾ هتي آهيو جڏهن اسان پاڪستاني پنهنجي 75هين آزادي جو ڏهاڙو ملهائي رهيا آهيون.

اسلام فوبيا خلاف عالمي ڏينهن جي موقعي تي 15 مارچ تي گڏيل قومن پاران قرارداد جي منظوري وڏي ڪاميابي آهي، جنهن تي مان او آءِ سي جي ميمبر ملڪن جي پرڏيهي وزيرن کي مبارڪباد ڏيان ٿو. اهو ڏينهن 15 مارچ تي ملهائڻ جو فيصلو ان ڪري ڪيو ويو آهي ڇاڪاڻ ته 15 مارچ تي نيوزيلينڊ جي هڪ مسجد ۾ هٿياربندن فائرنگ ڪري 50 مسلمانن کي شهيد ڪري ڇڏيو هو. ان جو سبب اهو هو ته هو سڀني مسلمانن کي دهشتگرد سمجهندو هو. بدقسمتيءَ سان 9/11 کانپوءِ اهڙو بيانيو ڏنو ويو جنهن ۾ اسلام کي دهشتگردي ۽ انتهاپسندي سان ڳنڍيو ويو. مسلمان ملڪن ان بيان جي اصلاح لاءِ ڪجھ به نه ڪيو آهي. اسلام دهشتگرديءَ جي برابر ڪيئن ٿي سگهي ٿو، جدت، روشن خيالي، لبرل ۽ انتهاپسنديءَ جي بنياد تي اسلام کي ڪيئن ٿو ورهائي سگهجي، مسلمانن ۾ فرق نٿو ڪري سگهجي، مسلمان ملڪن کي ان تي بيهڻ گهرجي ها، بلڪه پاڻ کي روشن خيال ۽ اعتدال پسند سڏائڻ گهرجي ها، جنهن بدقسمتيءَ سان اهو تاثر ڏنو آهي ته اسلام فرقيواريت، لبرل، اعتدال پسند ۽ ريڊيڪل قسمن ۾ ورهايل آهي، اهو ڪيئن ممڪن آهي؟ اسانجي آخري نبي صلعم جو هڪئي دين اسلام آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو