اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي مختلف علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا جنهن سبب شهرين ۾ خوف حراس پکڙجي ويو.زلزلي جي پيمائش ٻڌائيندڙ مرڪز موجب زلزلي جي شدت ريڪٽر اسڪيل تي 4.3 رڪارڊ ڪئي وئي. زلزلي جا لوڏا ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي چوڌاري محسوس ڪيا ويا آهن. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته زلزلي جو مرڪز گلگت بلتستان جو علائقو آهي جڏهن ته زلزلي جي زمين اندر گهرائي 12 ڪلو ميٽر هئي. شروعاتي ڄاڻ موجب ڪنهن به جاني يا مالي نقصان جي اطلاع ناهي ملي، انتظاميه طرفان صورتحال تي نظر رکي پئي وڃي.










