راولپنڊي (ويب ڊيسڪ): پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين بئريسٽر گوهر علي خان چيو آهي ته ڪشمير پاڪستان جي شاهه رڳ آهي، ان کي لاهور يا ڪشمور بڻجڻ نه ڏنو ويندو. اڊيالا جيل ٻاهر ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته پي ٽي آئي آزاد ڪشمير جي اليڪشن جو بائيڪاٽ ان ڪري ڪيو هو ڇاڪاڻ ته اتي چونڊن لاءِ مناسب ۽ پرامن ماحول موجود نه هو. هن نون ليگ ۽ پيپلز پارٽي تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته ٻنهي وڏين پارٽين پنهنجي سياسي مفادن ۽ پوائنٽ اسڪورنگ جي چڪر ۾ ڪشمير جي حالتن کي اڄ هن خراب موڙ تي پهچائي ڇڏيو آهي. بئريسٽر گوهر نورين نيازي خلاف داخل ڪيس کي ذاتي بيان قرار ڏيندي چيو ته ڪيس داخل ڪرڻ سان حالتون بهتر نه ٿينديون، ۽ باني پي ٽي آئي سان ملاقات ئي سمورن مسئلن جي حل جي ڪنجي آهي.










