اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) دفاع واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته ڪشمير بابت ڏنل پنهنجي بيان تي قائم آهيان، انهن جيڪي بيان ڏنا مان انهي جو جواب ڏنو مون جيڪا ڳالهه ڪئي انهي جي دليل به ڏني آهي.قومي اسيمبلي اجلاس ۾ اعتراض جي نڪتي تي ڳالهائيندي خواجه آصف چيو ته جناب اسپيڪر مون انهي حوالي سان ٽوئيٽ به ڪيو، برٿ سرٽيفڪيٽ سان ڪوبه ڪشميري يا پاڪستاني نٿو بڻجي، ڪشميرين حياتين جون قربانيون ڏنيون اسان به حياتين جون قربانيون ڏنيون، اسان پنج جنگون وڙهيون آهن پر مليو ڪجهه به نه.هن چيو ته اسان 90 جي ڏهاڪي ۾ سخت ڇڪتاڻ ڏٺي، ميان نوازشريف ۽ بينظير ڀٽو ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، انهن جي اقتدار جي زماني ۾ هن ايوان ۾ ڇا ڪجهه نه ٿيو، مراد سعيد هنن ميزن جي مٿان ڊوڙندو هو. خواجه آصف چيو ته اچو اوهان به ماضي کي صحيح ڪريو ۽ اسان به صحيح ڪريون ٿا، اچو ميثاق جمهوريت جو حصو بڻجون ۽ صحيحون ڪريون. هن اڌ ڪلاڪ ۾ 55 قانونسازيون ڪيون هڪ خص اسپيڪر جي ڪرسي تي قومي کي ٽوڙيو ويو. اسان جو ماضي صحيح آهي انهي کي صحيح ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.هن چيو ته وزيراعظم اپوزيشن اڳواڻن وٽ ويو پر عمران خان وزيراعظم هو ته اوهان اهو سوچي به نٿي سگهيو هي عمران خان جي ڊپ کان اسان سان ملندا به نه هئا.خواجه آصف چيو ته عمران خان سياست کي جيترو نقصان پهچايو ايترو ڪنهن به ناهي پهچايو. آئين ۽ جمهوري روايت کي عمران خان سڀني کان وڌيڪ نقصان پهچايو. محمود خان اچڪزئي انهن جي وچ ۾ ويهندي عجيب لڳي ٿو.دفاع واري وزير چيو ته آئين جون ڳالهيون ڪندڙ هن ايوان ۾ تحريڪ عدم اعتماد جي بجاءِ آرٽيڪل 5 استعمال ڪيو ۽ اسيمبلي ٽوڙي وئي پر اسان ميثاق جمهوريت ڪري ماضي کي وسايو ۽ اڳيان وڌاسين، اچو ميثاق جمهوريت کي وڌيڪ بهتر بنايون ٿا.










