ڪشميرين جي سنڌ ۾ آبادڪاري ٿيڻ نه ڏينداسين، دودو

ڪشميرين جي سنڌ ۾ آبادڪاري ٿيڻ نه ڏينداسين، دودو

ٽنڊو محمد خان()مظفر علي بروهي)جيئي سنڌ قومپرست پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ڪامريڊ دودو ديشي ، اميد علي مگسي, شبيرجمالي, آصف علي جسڪاڻي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته سنڌ وفاق کي پنهنجي فتح ڪيل ڪالوني سمجهي بار بار سنڌ دشمن منصوبا جوڙي سنڌ مٿان ڌاري آبادي مڙهي وئي آهي، جنهن ۾ سنڌ جا حڪمران به شريڪ عمل رهيا آهن، سنڌ اڳ ۾ ئي بنگالي، بهاري، برمي، افغانين جي لکين آبادي سبب معاشي طور تي تمام گهڻو بار برداشت ڪيو آهي، جنهن مسئلي تي سنڌين جي مسلسل احتجاج سبب ڌارين کي سنڌ مان نيڪالي ڏيڻ بدران وفاق ۽ سنڌ جي حڪمرانن گڏيل طور تي طور تي سڀني ڌارين کي سموريون بنيادي سهولتون ڏئي وڌيڪ پختو ۽ سگهارو بڻائي آباد ڪيو ويو آهي، جڏهن ته هاڻي وري سنڌ مٿان وڌيڪ ڌاري آبادي جو بار وجهڻ لاءِ لکين ڪشميرين کي سنڌ ۾ آباد ڪرڻ جو منصوبو جوڙو ويو آهي، جيڪو منصوبو سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش جو حصو آهي،  ان  سازش خلاف سموري سياسي سگهه سان احتجاج ڪيو ويندو، هنن چيو ته وقت جي حڪمرانن کي رڳو سنڌ جي زمين ئي ڇو نظر ۾آهي ، ڪڏهن بنگالين، برمين، بھارين، افغانين کي سنڌ ۾ زبردستي آباد ڪرڻ لاءِ منصوبا ۽ اسڪيمون جوڙيون وڃن ٿيون ته ڪڏهن ڪمشنرين کي آباد ڪرڻ لاءِ روينيو ڊپارٽمينٽ کي لکيو وڃي ٿو ته سنڌ ۾ خالي زمين جا انگ اکر ڏنا وڃن جيئن ان سنڌ جي زمين تي ڪشميرين ۽ ٻين ڌارين کي آباد ڪيو وڃي ، حڪمرانن کي جيڪڏهن ڪشميرين سان ايڏي همدردي آهي ته ڪشميرين کي پنجاب ۾ آباد ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ جو هاڻي ڪشميرين سميت ڪنهن به ڌاري آبادي جو بار سنڌ برداشت نٿي ڪري سگهي ۽ سنڌ ڪو عالمي يتيم خانو ناهي.

پهنجو تبصرو موڪليو