راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه طرفان ڪشميرين جي آزادي واري جدوجهد کي سلام پيش، آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته ڪشميري ڀائر لاڪ ڊائون، انساني حقن جي ڀڃڪڙي ۽ ڀارتي ظلمن جو بهادري سان مقابلو ڪري رهيا آهن، وقت اچي ويو آهي ته ڪشمير مسئلو گڏيل قومن جي ٺهراءُ ۽ ڪشميرين جي خواهش پٽاندڙ حل ڪيو وڃي ته جيئن انساني الميو ختم ٿي سگهي.هن ڀارتي ظلمن جي مذمت ڪندي چيو ته پاڪستان هر ڏکئي وقت ۾ ڪشميرين سان گڏ آهي ۽ رهندو.










