غوثپور (ن سنڌيار) غوثپور۔ ضلعي ڪشمور مان امن جو پکي وري اڏامي ويو۔ غوثپور ٿاڻي جي حد سنڌ ڍوري شاخ وٽ مئن انڊس هاءِ وي تي ڏھ کان وڌيڪ اڻ ڄاتل ھٿياربندن جي ٽولي ڪاھ ڪري 4 ڄڻا ٽرڪ ڊرائيور ھٿيارن جي زور تي اغوا ڪري ويا۔ مغوين ۾ ٽرڪ مالڪ رضوان ناريجو رجب سولنگي، مسعود سولنگي، اسد سولنگي شامل آهن 4 ئي مغوي لاڙڪاڻي شهر جي ڳوٺ ٿرڙي فيض محمد جا رهواسي آهن جيڪي ريتي ڀرڻ لا۽ وڃي رھيا ھئا ته کين اغوا ڪيو ويو۔ ٽرڪ ڪشمور وڃي رھي ھئي ته ھٿياربندن ھٿيارن جي زور تي غوثپور ڀرسان سنڌ ڍوري وٽ پيڇو ڪري کين روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ڊرائيور پاران گاڏي نه بيھارڻ تي ٽائرن کي گوليون ھڻي برسٽ ڪري گاڏي جا شيشا ڪنداقن سان ڀڃي کين لاھي اغوا ڪري ڪچي طرف فرار ٿي ويا۔ واقعي جي اطلاع بعد غوثپور پولييس ٻين اسٽيشنن تان اضافي نفري گھرائي مغوين جي بازيابي لاءِ وارثن سان پوليس پيري پويان ويل آھي پر واقعي کي اٺ ڪلاڪ گذري وڃڻ تائين ڪابه ڪاميابي نه ملي سگھي آھي۔










