ڪرڪٽر ڪامران غلام جو وليمو، ساٿين پاران مبارڪون

ڪرڪٽر ڪامران غلام جو وليمو، ساٿين پاران مبارڪون

پشاور(ويب ڊيسڪ)ٽيسٽ ڪرڪيٽر ڪامران غلام جي وليمي جي تقريب پشاور ۾ ٿي، جتي ڪامران غلام جي دوستن، مٽن مائٽن سان گڏ ساٿي ڪرڪيٽرن به شرڪت ڪئي. ڪامران غلام جي وليمي جي تقريب ۾ قومي ڪرڪيٽر محمد رضوان، صاحبزاده فرحان، افتخار احمد، فخر زمان، نسيم شاهه ۽ ساجد خان سميت مقامي ڪرڪيٽر به موجود هئا. قومي ڪرڪيٽرن ڪامران غلام کي شادي جي مبارڪباد ڏيندي، زندگي جي نئين اننگز جي شروعات تي نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو. ياد رهي ته گذريل ڏينهن قومي ڪرڪيٽر ابرار احمد جي به شادي ٿي هئي ۽ هن جو وليمو 6 آڪٽوبر تي ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو