دبئي (ويب ڊيسڪ)ڪرڪيٽ جي ميدان ۾ به مصنوعي ذهانت (AI) پنهنجي جاءِ ٺاهي ورتي آهي، انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (ICC) پچ رپورٽنگ لاءِ جديد AI ٽيڪنالاجي استعمال ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، آئي سي سي وومين ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جي ڏهين ميچ کان اڳ اڳوڻي هندستاني ڪپتان متالي راج گوگل جي جميني AI ٽول جي تعاون سان پچ رپورٽ پيش ڪئي، متالي راج پنهنجي موبائل تي جميني لائيو فيچر استعمال ڪندي ڪئميرا ذريعي پچ ڏيکاري ۽ AI کان پڇيو ته اسان هتي وشاکاپٽنم جي ACA-VDCA اسٽيڊيم ۾ هڪ ODI ميچ لاءِ آهيون. هتي موسم گرم ۽ نم آهي. توهان هن پچ بابت ڇا ٿا سوچيو؟، ان تي جميني، ان جو تجزيو ڪندي چيو ته پچ هموار ۽ بيٽنگ لاءِ سازگار نظر اچي ٿي. ان تي گهٽ گھاس آهي ۽ گرم ۽ نم موسم جي ڪري، بال گهڻو سوئنگ نه ڪندو، تنهنڪري هڪ اعليٰ اسڪورنگ ميچ جي اميد آهي،متالي راج جميني جي تجزيي سان متفق ٿيا ۽ چيو ته اهو واقعي هڪ سٺو بيٽنگ پچ آهي ۽ مداحن کي رن سان ڀريل مقابلو ڏسڻ ۾ ايندو.










