ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سيلاني ويلفيئر جي چيئرمين مولانا محمد بشير فاروق قادري چيو آهي ته ڪرپٽو ڪرنسي جائز آهي ۽ ان بابت هو 13 مهينا اڳ ئي فتويٰ ڏئي چڪا آهن. ڪرپٽو ڪرنسي بابت ميڊيا رپورٽن کانپوءِ سيلاني هيڊ آفيس ۾ هڪ هنگامي اجلاس ٿيو، جنهن جي صدارت باني ۽ چيئرمين سيلاني مولانا محمد بشير فاروق قادري ڪئي. اجلاس ۾ بلاڪ چين سان لاڳاپيل ماهرن ۽ رئيس المفطي مفطي وسيم اختر المدني پڻ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ڪرپٽو ڪرنسي جي جائز يا ناجائز هجڻ بابت بحث جو نئين سر جائزو ورتو ويو. ان حوالي سان مولانا بشير فاروق قادري چيو ته ڪرپٽو ڪرنسي جائز آهي، اسان 13 مهينا اڳ فتويٰ ڏئي چڪا آهيون ۽ اها فتويٰ اسلامي نظرياتي ڪائونسل، اسٽيٽ بئنڪ ۽ لاڳاپيل وزارت کي پڻ موڪلي وئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته سيلاني ويلفيئر رياست جي پاليسي سان گڏ آهي، ڇاڪاڻ ته دنيا جا ڪيترائي ملڪ ڪرپٽو ۾ ڏيتي ليتي ڪري رهيا آهن.










