ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي جي بجيٽ اجلاس ۾ اپوزيشن ليڊر علي خورشيدي حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته ڪرپشن کان سواءِ سنڌ ۾ ڪو به ڪم ناهي ٿيندو، سرڪاري آفيسر ڪميشن وٺن ٿا ۽ ڪميشن کي پنهنجو حق سمجهن ٿا.اپوزيشن ليڊر علي خورشيدي جو چوڻ هو ته حڪومتي ميمبر جنهن کي ڪامياب بجيٽ سمجهن ٿا، ائين لڳو ته اها بجيٽ سنڌ جي عوام کي نقصان (خساري) ۾ وجهي رهي آهي.علي خورشيدي جو چوڻ هو ته اسان کي چيو ويندو آهي ته وفاق ۾ حڪومتي عهدن تان استعيفيٰ ڏيو، جيڪڏهن پيپلز پارٽي صدر مملڪت، چيئرمين سينيٽ ۽ ڊپٽي اسپيڪر کي قومي اسيمبلي مان استعيفائون ڏياري ته ايم ڪيو ايم جا وفاقي وزير به استعيفيٰ ڏيڻ لاءِ تيار آهن.هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته پي پي جي حڪومت مان جيڪڏهن اليڪٽيبلز (کٽيندڙ اميدوار) ڪڍي ڇڏجن ته حڪومت ڪري پوندي، اهو نه چيو ڪريو ته عوام ڪارڪردگي تي ووٽ ڏئي ٿي. سعيد غني چوي ٿو ته لاهور ۾ ايم ڪيو ايم نه هئي ان ڪري امن هو، اسان چئون ٿا ته لاهور ۾ پيپلز پارٽي ناهي ان ڪري امن آهي، ڪچي ۾ ڪهڙي ايم ڪيو ايم هئي؟هن ننڍي گريڊ جي ملازمن جي پگهارن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 20 سيڪڙو واڌ ۽ پوليس جي سپاهي جي پگهار پنجاب پوليس جي برابر ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ۽ چيو ته مختلف کاتن جي ريٽائرڊ ملازمن جي پينشن جو مسئلو حل ڪيو وڃي. هن جو چوڻ هو ته صوبي جا عوام ڄاڻڻ چاهين ٿا ته سانحو گل پليزا ڪيئن ٿيو؟ سانحو گل پليزا ڪميشن جي رپورٽ منظر عام تي آندي وڃي.










