اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه نوري آباد پاور پلانٽ ريفرنس ۾ اسلام آباد جي احتساب عدالت آڏو پيش ٿيو آهي،شريڪ جوابدارن جي وڪيلن نيب قانون موجب ريفرنس خارج ڪرڻ جي استدعا ڪري ڇڏي،وڪيلن موقف اختيار ڪيو ته احتساب عدالت قانون موجب فيصلو ڪري ۽ ڪيس اينٽي ڪرپشن ڏانهن واپس موڪلي،عدالت نوري آباد پاور پلانٽ بابت ريفرنس تي ٻڌڻي 3 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي










