مانجهند(رپورٽ يوسف عمراڻي)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي مانجھند ۾ سکيا سنڌي ميلو ۾ سوين سنڌياڻين شاگردن ۽ ماڻھن کي خطاب ڪندي چيو تہ سنڌ جي ترقي بي پناھ محنت ۽ تعليم سان ئي ممڪن آهي دهشتگردي ۽ جهالت ايشيا جي معاشي ۽ سماجي قدرن کي تباهه ڪيو آهي. رواداري، برابري ۽ امن سان پاڪستان کي ڪامياب بڻائڻو پوندو. سنڌ ۾ روزگار جا موقعا ختم ٿي رهيا آهن، تعليم تباھ ٿي رهي آهي. اياز لطيف پليجي چيو تہ اسان جو نصاب جديد ۽ سائنسي هجڻ گهرجي. سعودي عرب ۽ نار جي تبديلين مان اسان کي سکڻ گهرجي سنڌ جو عوام هاڻي ڪرپشن ۽ خراب حڪمرانيءَ خلاف اٿي کڙو ٿئي سنڌ پندرهن سالن کان سخت محرومي جو شڪار آهي قبائلي جھيڙن ۽ لاقانونيت ۾ اھل اقتدار ملوث آهن ملڪ گورننس ۽ عوامي سهولتن جو بحران آهي شاگردن کي سپر نيچرل ڳالھين مان ڪڍي حقيقي سائنسي دنيا مان آڻڻو پوندو ملڪ ۾ لاقانونيت، مهانگائي ۽ تعليمي تباهي تي سخت ڳڻتي آهي اياز لطيف پليجي چيو تہ شاگرد سماج جي بي پناھ سگھ ۽ اھڙي طاقت آھن جيڪي ظلمت آڏو بيھي رھن تہ ناقابل شڪست بنجي وڃن ٿا۔ ميرٽ ناھي۔ تعليمي ادارا ڪرپٽ ماڻھن وٽ يرغمال آھن سنڌ کي ڪرپشن جي ڪالوني بنايو ويو آھي۔ ادارن کي تباھ ڪيو پيو وڃي۔ سفارش ۽ رشوت کي ڪلچر بنايو ويو آھي۔ حڪمرانن پنھنجي ڪرپشن کي تحفظ ڏيڻ لاء سنڌ جي سمورن تعليمي ادارن جي شاگردن کي سياست کان پري ڪري ڇڏيو آھي۔ شاگردن جي سجاڳي ۽ ليڊرشپ جي ضرورت آھي۔اياز لطيف پليجي چيو تہ بدقسمتي سان ملڪ ۾ جيڪا صحيح معنيٰ ۾ جمهوريت هجڻ گهرجي اها اڄ ناهي، ملڪ ۾ حقيقي جمهوريت تڏهن قائم ٿيندي جڏهن ڪرپشن سان نفرت ٿيندي، ان جا رستا بند ڪيا ويندا۔ تعليمي ادارا آزاد ھوندا۔

اياز لطيف پليجي چيو تہ ملڪ ۾ سياست آزاد ناهي، جيڪا ٿوري گهڻي سياست ٿي رهي آهي۔ ان کي بہ ڊي پوليٽيسائيز ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، سياست کانسواءِ ڪو بہ ملڪ آزاد خيالي نٿو ماڻي سگهي، ملڪ جي سمورن شهرين کي ڳالهائڻ سميت سماج جي لاءِ ضروري هر ان عمل جي آزادي هجڻ گهرجي، اها ڳالھ جمهوريت جي لاءِ فائديمند هوندي. اظهار جي آزادي کانسواءِ مسئلا حل نٿا ٿي سگهن، اياز لطيف پليجي چيو تہ اسان کي پنهنجا قومي ڏينهن ملهائڻ گهرجن، جيڪي اسان جي سڃاڻپ آهن، سياسي ورثي کي وسارڻ نہ گهرجي، هن وقت شديد قسم جي سينسرشپ هلي رهي آهي، ماڻهو ڳالهائي نٿا سگهن۔ لکي نٿا سگهن، مسئلا اڄ بہ ساڳيا آهن، ان دور ۾ تہ ون يونٽ هو، اڄ ون يونٽ تہ ناهي، پر تعليمي ادارا تباھ آهن، اهڙين حالتن ۾ ون يونٽ مخالف تحريڪ جهڙي جدوجهد جي سخت ضرورت آهي۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ ستر اسي واري ڏهاڪي ۾ ايتري ميڊيا موجود نہ هئي ۽ شاگردن ۾ بہ اڄ جي مقابلي ۾ ايتري سياسي سجاڳي نہ هئي، ان دور ۾ شاگردن بيدار ٿي اٿيا۔ اڄ بہ وسيلن جي ڦرلٽ، وسيلن جي مالڪي، ڪرپشن، تعليمي ادارن جي تباھي ۽ ٻين سنڌ ۽ پاڪستان دشمن پاليسين خلاف ھڪ ٿي اٿڻ جي ضرورت آھي۔ ھوڏانھن ٻئي پاسي جسقم ڄامشورو ضلعي جي اھم اڳواڻ رفيق ميمڻ پاران مانجھند ۾ اياز لطيف پليجو جي مان ۾ آجياڻو ڏنو ۽ رفيق ميمڻ پنهنجي فيملي سميت قومي عوامي تحريڪ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو ۽ کيس قومي عوامي تحريڪ مانجھند جو آرگنائزر مقرر ڪيو ۽ ادي حفيظہ ميمڻ کي سنڌياڻي تحريڪ مانجھند جي آرگنائزر مقرر ڪيو ويو. ان موقعي تي قومي عوامي تحريڪ جو مرڪزي پريس ترجمان اشرف پليجو ،خادم سمون ،معشوق چانڊيو پڻ بہ موجود هئا.










