ڪرپشن خلاف جاڳرتا ريلي، عوام ۽صحافي ڪردار ادا ڪن، ابڙو

مورو(مورائي اياز سولنگي) اينٽي ڪرپشن کاتي پاران ڊپٽي ڊائريڪٽر شھيد بينظير آباد مير نادر ابڙو جي اڳواڻيءَ ۾ پريس ڪلب تائين جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي ۽ ريلي دوران دوڪاندارن ريڙھي وارن ۾ پمفليٽ پڻ تقسيم ڪيا ويا. ان موقعي تي خطاب ڪندي ڊپٽي ڊائريڪٽر چيو ته ڪرپشن جو 9 ڊسمبر تي عالمي ڏھاڙو آھي جنھن جي سلسلي ۾ ھي جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي آھي ۽ اسان اھو پيغام ٿا ڏيون ته ڪرپشن هڪ ناسور آهي ۽ اها ڪينسر وانگر اسانجي سماج کي کائي رهي آهي. اسان سڀني کي گڏجي ان جو علاج ڪرڻو پوندو. هن چيو ته اينٽي ڪرپشن کاتو هاڻي سنڌ ۾ ڪرپشن جي خاتمي لاءِ تمام سٺو ڪم ڪري رهيو آهي، اميد آهي ته اهو سلسلو جاري رهندو . ان ڏس ۾ شھيد بينظير آباد ضلعي نوشھروفيروز ۽ ٻين ضلعن ۾ ضلعي انتظاميا طرفان اينٽي ڪرپشن کي جيڪا به مدد گھرجي اها فراهم ڪئي ويندي، هن چيو ته جيستائين اسان پنهنجو پاڻ کي ٺيڪ نه ڪنداسين ڪرپشن روڪي نه سگهنداسين، ڪرپشن جي خاتمي کانسواءِ ڪو به معاشرو ترقي ڪري نه ٿو سگهي، هن چيو ته پاڪستان سميت سنڌ مان ڪرپشن ختم ڪرڻ اسان سڀني جو مذھبي ۽ اخلاقي فرض آھي ,بعد ۾ مورو پريس ڪلب جي صحافين سان ملاقات ڪئي ۽ چيو ته صحافي ھن معاشري جا ڪن ۽ اکيون آھن جن ھميشه پنھنجي قلم جي نوڪ سان ھن معاشري جي صورتحال کي سامھون آندو آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو