ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ پاران قتل جي ڏوهاري کي عمر قيد

ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ پاران قتل جي ڏوهاري کي عمر قيد

دادو(ادل مهيسر) ڪرمنل ماڊل ٽرائل ڪورٽ جي فاضل جج قاضي شاهه محمد اظهر جي عدالت قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار عبدالمجيد پنهور کي عمر قيد ۽ هڪ لک روپيه ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي ڏنڊ ادا نه ڪرڻ جي صورت ۾ جوابدار 6 مهينا وڌيڪ قيد ڪاٽيندو. واضع رهي ته جوابدار 2016 ۾ زميني تڪرار تان پنهنجي چاچي غلام مصطفى پنهور کي قتل ڪيو هو، جڏهن ته مقتول جي فرزند برڪت علي پنهور پاران پي ايس رڪڻ تي ڪيس داخل ڪرايو ويو هو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو