اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) صدر آصف علي زرداري ڪرسچيئن ميرج ترميمي ايڪٽ 2024 جي منظوري ڏئي ڇڏي، ترميمي ايڪٽ جي منظوري بعد نئين قانون تحت مسيحي برادري ۾ شاديءَ جي عمر 18 سال مقرر ڪئي وئي، ترميمي ايڪٽ کان اڳ مسيحي برادري ۾ شاديءَ لاءِ مرد جي عمر 16 سال ۽ عورت جي لاءِ 13 سال مقرر هئي، صدر آصف زرداري پاران صحيح ڪرڻ بعد ڪرسچيئن ميرج ترميمي ايڪٽ 2024 قانون بڻجي ويو، نئين قانون تحت شاديءَ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ عمر 18 سال مقرر ڪئي وئي، ايوان صدر ۾ ٿيل تقريب ۾ مذهبي معاملن جي وفاقي وزير چوڌري سالڪ ۽ مسيحي برادري جا نمائندا به شريڪ ٿيا، صدر تقريب ۾ ڳالهائيندي چيو ته مسيحي ڀينرن ۽ ڀائرن کي ايوان صدر اچڻ تي ڀليڪار چوان ٿو، مسيحي برادري به ايتري ئي پاڪستاني آهي جيترا اسان آهيون، پوليس سميت سرڪاري ملازمتن ۾ اقليتن جي ڪوٽا وڌائڻ چاهيون ٿا، حڪومت کي ملازمتن ۾ اقليتن جي ڪوٽا وڌائڻ لاءِ چوندس، مسئلا هر هنڌ هوندا آهن، اسان کي گڏجي انهن کي حل ڪرڻو آهي، انتهاپسندي ۽ فرقيواريت جي معاشري ۾ ڪا گنجائش نه آهي










