ڪراچي ۾ 2 ڦورون مارڻ جي دعويٰ، ساٿي جوابدار عورت به گرفتار

ڪراچي ۾ 2 ڦورون مارڻ جي دعويٰ، ساٿي جوابدار عورت به گرفتار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي نيو ڪراچي انڊسٽريل ايريا ۾ پوليس پاران مقابلي دوران 2 هٿياربند ڦورن کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي وئي، مقابلي دوران هڪ پوليس اهلڪار به زخمي، مارجي ويل جوابدارن جي هڪ ساٿي جوابدار عورت به گرفتار، هڪ جوابدار فرار ٿي ويو، پوليس موجب مقابلو ڪچرا ڪنڊي ويجهو رائيس فيڪٽري وٽ ٿيو، فائرنگ جي ڏي وٺ دوران 2 هٿياربند ڦورو شوڪت ۽ ظفر مارجي ويا،فائرنگ ۾ گولي لڳڻ سبب ڪانسٽيبل حيدر زخمي ٿي پيو، گرفتار ڪيل جوابدار عورت جي سڃاڻپ رخسانه زال امتياز طور ٿي آهي،پوليس موجب مارجي ويل جوابدارن جي قبضي مان 3 لوڊڊ ٽي ٽي پسٽل، 4 موبائيل فون، ليڊيز پرس ۽ 2 موٽرسائيڪلون هٿ ڪيون ويون، پوليس موجب مارجي ويل جوابدارن ۽ گرفتار ڪيل جوابدار عورت جو ڪرمنل ريڪارڊ چيڪ ڪيو پيو وڃي

پهنجو تبصرو موڪليو