ڪراچي ۾ 15 هزار کان وڌيڪ ٻوڏ متاثر ڪئمپن ۾ ترسيل

ڪراچي ۾ 15 هزار کان وڌيڪ ٻوڏ متاثر ڪئمپن ۾ ترسيل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته ڪراچي ۾ 39 رليف ڪئمپن ۾ 15 هزار 274 ٻوڏ متاثرن کي ترسايو ويو آهي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته متاثرن لاءِ راشن جي فراهمي تمام گهٽ آهي، پرائيويٽ وينڊرز جون خدمتون وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن چيو ته في الحال اسان تباهيءَ جا حتمي انگ اکر نٿا ڏئي سگهون، سي ايم جو ٻوڏ فنڊ اڪائونٽ آهي، جيڪو شفاف آهي. سندس چوڻ هو ته ڪراچي جي 6 ضلعن ۾ قائم 39 رليف ڪئمپن ۾ هيل تائين 15 هزار 274 متاثرن کي ترسايو ويو آهي، جن کي تيار خوراڪ، پاڻي، مڇر داڻيون ۽ دوائون فراهم ڪيون پيون وڃن. شرجيل ميمڻ چيو ته اوڀر ضلعي ۾ قائم 15 ڪئمپن ۾ 7350 متاثرن، اولهه ضلعي جي 6 ڪئمپن ۾ 3490 متاثرن، ڪورنگي جي هڪ ڪئمپ ۾ 466 متاثرن، ملير جي 8 ڪئمپن ۾ 3175، ڪياماڙي جي 7 ڪئمپن ۾ 793 ٻوڏ متاثرن کي ترسايو ويو آهي. گفتگو دوران هن عمران خان جو نالو کڻڻ بنا تنقيد ڪندي چيو ته هڪ شخص اڄ به جلسا ۽ ڪنسرٽ ڪري رهيو آهي، جنهن جو خراب مثال دنيا ۾ ڪٿي نٿو ملي، هڪ پاسي قيامت جا منظر آهن، ٻئي پاسي هڪ شخص ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، اهڙن ماڻهن کي جلد عوام عبرت جو نشان بڻائيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو