ڪراچي ۾ کنڊ جي في ڪلو قيمت ۾ 20 رپيا واڌ

ڪراچي ۾ کنڊ جي في ڪلو قيمت ۾ 20 رپيا واڌ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)وفاقي شماريات واري اداري کنڊ جي قيمتن بابت نئون ڊيٽا جاري ڪيو آهي.رپورٽ موجب، ڪراچي ۾ کنڊ جي في ڪلو قيمت صرف هڪ هفتي ۾ 20 رپيا وڌي وئي، جنهن ڪري شهري 220 رپيا في ڪلو جي بلند ترين قيمت تي کنڊ خريد ڪرڻ تي مجبور ٿيا، جيڪا ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي.حيدرآباد ۾ هڪ هفتي ۾ کنڊ جي في ڪلو قيمت ۾ 15 رپيا واڌ ٿي، جنهن کان پوءِ شهر ۾ کنڊ جي في ڪلو قيمت 215 رپيا ٿي وئي آهي.ڪوئيٽا ۾ هڪ هفتي ۾ کنڊ جي في ڪلو قيمت ۾ 2 رپيا واڌ ٿي، جنهن کان پوءِ شهر ۾ کنڊ جي في ڪلو قيمت 216 رپيا ٿي وئي آهي.خضدار ۾ کنڊ جي في ڪلو قيمت 210 رپيا، لاڙڪاڻي ۾ کنڊ جي في ڪلو قيمت 205 رپيا، اسلام آباد ۽ پنجاب ۾ کنڊ جي في ڪلو قيمت 190 رپيا، پشاور ۾ کنڊ جي في ڪلو قيمت 190 رپيا، جڏهن ته سکر ۾ کنڊ جي في ڪلو قيمت 195 رپين تائين پهچي وئي آهي.رپورٽ موجب، گذريل هفتي ۾ کنڊ جي في ڪلو قيمت ۾ 37 پئسا واڌ ٿي. ملڪ ۾ کنڊ جي في ڪلو قيمت ۾ سراسري طور تي 189.98 پئسا واڌ ٿي آهي،رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته گذريل هفتي تائين ملڪ ۾ کنڊ جي في ڪلوگرام سراسري قيمت 189.61 رپيا هئي، جڏهن ته هڪ سال اڳ ملڪ ۾ کنڊ جي في ڪلوگرام سراسري قيمت 131.85 رپيا هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو