ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ ڊپٽي ڪمشنرن کي به ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪيو ويو. سنڌ لوڪل گورنمينٽ بورڊ ان حوالي سان نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ڊپٽي ڪمشنر هاڻي ضلعي ايڊمنسٽريٽر طور ڪم ڪندا.نوٽيفڪيشن موجب اهو ڪراچي جي 7 ضلعن ۽ ضلعي ڪائونسلن کانسواءِ سڄي سنڌ ۾ لاڳو هوندو، جڏهن ته ڪراچي ۾ ڪي ايم سي، ڊي ايم سيز ۽ ضلعي ڪائونسلن ۾ ايڊمنسٽريٽر برقرار رهندا.ان کان علاوه ڊپٽي ڪمشنرن کي ٻين ميونسپل باڊيز ۾ به ايڊمنسٽريٽر جا اختيار حاصل هوندا.نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته ڊي سيز ٻوڏ جي تباهي کانپوءِ انفراسٽرڪچر جي بحالي تي ڪم ڪندا.










