ڪراچي ۾ ٿيل ڌماڪن ۾  را ملوث آهي: رپورٽ

ڪراچي ۾ ٿيل ڌماڪن ۾ را ملوث آهي: رپورٽ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)قانون لاڳو ڪندڙ اداري ڪراچي ۾ تازو ٿيل ڌماڪن جي تجزياتي رپورٽ تيار ڪري ورتي آهي.ڪراچي ۾ تازو ٿيل ڌماڪن بابت قانون لاڳو ڪندڙ اداري جي تجزياتي رپورٽ ۾ اهم انڪشاف سامهون آيا آهن.رپورٽ موجب ڪراچي ۾ آپگهاتي ڌماڪي سميت ٽنهي بم ڌماڪن ۾ ڀارتي ڳجهي ايجنسي را ملوث آهي.رپورٽ موجب ڪراچي جي علائقي صدر ۽ کھارادر ۾ بولٽن مارڪيٽ ڌماڪن ۾ ٽن دهشتگرد گروپن هڪ ٻئي جي مدد ڪئي رپورٽ موجب علائقي جي ريڪي جو ڪم مبينا طور تي يونائيٽيڊ لنڊن جي سليپر سيل مان ورتو ويو.رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ماضي ۾ اهڙا بم ٺاهڻ ۽ پلانٽ ڪرڻ ۽ ان کي ڊسٽرڪٽ ڪرڻ پابندي مڙهيل تنظيم بي ايل اي جو طريقو رهيو آهي جڏهن ته صوبي جي ڏورانهن علائقن ۾ ايس آر اي به ائين ئي ڪندي رهي آهي. رپورٽ موجب تازا ڌماڪا بم ڌماڪن ۽ پابندي مڙهيل تنظيم ايس آر اي جي مدد سان ڪيا ويا، جڏهن ته ڌماڪن جو مقصد قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان گڏ تجارتي علائقن کي نشانو بڻائڻ هو.

پهنجو تبصرو موڪليو