ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ رات دير سان پوليس پاران پنجن مبينا مقابلن کانپوءِ پنجن زخمين سميت ستن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته هڪ جوابدار موقعي تي ئي مارجي ويو.لياقت آباد پوليس ۽ شاهين فورس جو فردوس شاپنگ مال ويجهو جوابدارن سان مقابلو ٿيو، ڏهون ڏي فائرنگ ۾ هڪ جوابدار موقعي تي مارجي ويو جڏهن ته سندس ساٿي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو. مقابلي دوران ٻه مرد ساٿي ۽ هڪ عورت موقعي تان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، جن جي ڳولا جاري آهي. زمان ٽائون پوليس مقابلي کانپوءِ هڪ جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته سپر مارڪيٽ پوليس لياقت آباد ‘سي ايريا’ ۾ مبينا مقابلي کانپوءِ هڪ زخمي سميت ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو. شارع نورجهان پوليس فائرنگ جي ڏي وٺ کانپوءِ هڪ جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو، جڏهن ته سندس ساٿي رات جي اونداهيءَ جو فائدو وٺندي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. قائد آباد پوليس مقابلي دوران هڪ زخمي سميت ٻن جوابدارن کي سڳي هٿين جهلي ورتو. مارجي ويل ۽ گرفتار ٿيل جوابدارن جي قبضي مان هٿيار، ڦريل سامان ۽ موٽرسائيڪلون هٿ ڪري ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.










