ڪراچي ۾ پوليس اهلڪار جي قتل جو ڪيس داخل

ڪراچي ۾ پوليس اهلڪار جي قتل جو ڪيس داخل

ڪراچي)اسٽاف رپورٽر) نارٿ ڪراچي جي سيڪٽر 5 ايم ۾ پوليس اهلڪار وحيد پرويز جي قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو.پوليس موجب بلال ڪالوني ٿاڻي ۾ اهلڪار جي ننڍي ڀاءُ واجد جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ قتل ۽ دهشتگردي جا قلم شامل ڪيا ويا آهن.ڪيس ۾ مدعي جو چوڻ آهي ته ڀاءُ سٽي ڪورٽ ۾ اي ڊي جي ويسٽ جو گن مين هو، ڀاءُ کي گهر ٻاهران فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو، موٽرسائيڪل تي سوار 2 جوابدار آيا ۽ فائرنگ ڪري ڏني، ڀاءُ کي مٿي ۾ گوليون لڳڻ سبب هو فوت ٿي ويو. .ٻئي طرف پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته جوابدارن خلاف قانوني ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ فرار ٿيل جوابدارن جون سي سي ٽي وي وڊيوز حاصل ڪري ورتيون آهن.اختيارين جو چوڻ آهي ته پوليس اهلڪار جي قتل جو واقعو ڪالهه پيش آيو.

پهنجو تبصرو موڪليو