ڪراچي ۾ ٽريفڪ قانون ڀڃڪڙي تي چالان جو سلسلو ٻيهر شروع

ڪراچي ۾ ٽريفڪ قانون ڀڃڪڙي تي چالان جو سلسلو ٻيهر شروع

ڪراچي (رپورٽر) ڊي آءِ جي ٽريفڪ ڪراچي جي آفيس ۾ ون وي ۽ رن وي خلاف ڪارروائي جي حوالي سان اجلاس ٿيو.اجلاس دوران ڊي آءِ جي ٽريفڪ احمد نواز چيما چيو ته شهر ۾ ون وي ۽ رن وي جي خلاف ورزي وڌي وئي آهي جنهن سبب روزانو ٽريفڪ حادثا ٿي رهيا آهن. ڊي آءِ جي ٽريفڪ ڪراچي سمورن ايس پيز کي هدايت ڪئي ته شهر ۾ ون وي ۽ رن وي ويندڙن خلاف بنا فرق جي ڪارروائي ڪئي وڃي، هن چيو ته ٽريفڪ قانون جي ڀڃڪڙي تي چالان ڪندڙ پوليس آفيسرن جو انگ وڌايو ويو، هاڻي ڪراچي جي روڊن تي اي ايس آءِ کان انسپيڪٽر تائين 388 آفيسر چالان ڪري سگهندا، هن چيو ته ماضي ۾ ٽريفڪ پوليس اهلڪار روزانو 10 هزار کان وڌيڪ چالان ڪندا هئا، پابندي کانپوءِ ٽريفڪ چالان جي يوميه شرح گهٽ ٿي 800 تائين اچي وئي هئي

پهنجو تبصرو موڪليو