ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ڪراچي شهر ۾ ٽريفڪ جام جو نوٽيس ورتو آهي.ذريعن موجب، سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه شهر ۾ ٽريفڪ جام جو نوٽيس ورتو آهي ۽ قيوم آباد، ڪورنگي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ٽريفڪ مسئلن کي فوري طور تي حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.ٻئي طرف، سنڌ جي وڏي وزير ڪورنگي ڪراسنگ ۽ ڪاز وي جي بندش بابت رپورٽ طلب ڪئي آهي.سنڌ جي وڏي وزير ڪمشنر ڪراچي ۽ ايڊمنسٽريٽر ڪي ايم سي کي ٽريفڪ پوليس سان مڪمل تعاون ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.










