ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايف آئي اي ڪارپوريٽ ڪرائم سرڪل شير شاهه ۾ ڪارروائي ڪندي نقلي دوائون ٺاهڻ ۾ ملوث فيڪٽري جي مالڪ کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته لکين روپين جو دوائون مشينري ۽ ٻيو سامان هٿ ڪري ورتو، ايف آئي اي جي ترجمان مطابق ڊرگ ريگليوليٽري اٿارٽي سان گڏ ڪارروائي عمل ۾ آندي وئي، جتي رهائشي علائقي ۾ قائم دوائون ٺاهندڙ فيڪٽري ۾ نقلي دوائن جي تياري ۽ پيڪنگ ٿي رهي هئي، ڄاڻايل نقلي فيڪٽري مان ججهي مقدار ۾ شڪي دوائون، انجيڪشنز ۽ ڪچي مال جي وڏي کيپ پڪڙي وئي، جڏهن ته ڇاپي دوران دوائون جون خالي بوتلون، خالي ڪيپسول ۽ پيڪنگ باڪسز به هٿ آيا، ڪارروائي ۾ دوائن جي پيڪنگ لاءِ استعمال هيٺ سامان اوزار ۽ مشينري به هٿ ڪئي وئي، جڏهن ته وڏي انگ ۾ مختلف قسمن جو پائوڊر ۽ ليڪريڊ هٿ آيا، گرفتار جوابدار مطابق نقلي دائون مختلف شهرن ۾ سپلائي ٿي رهيون هيون، جوابدار مجيب الرحمان جي خلاف ڪيس داخل ڪري ڪجاچ شروع ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ٻين ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.










