ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي پوليس چيف جاويد عالم اوڍو شهر ۾ ڏوهن جي وڌندڙ ڪاروائين جي روڪٿام لاءِ نئين پوليس فورس مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.ميڊيا سان ڳالهائيندي جاويد عالم اوڍو جو چوڻ هوته شهر ۾ وڌندڙ ڪارروائين کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ شاهين فورس جوڙي رهيا آهيون جيڪا موٽرسائيڪل تي گشت ڪندي.ڊي آءِ جي ڪراچي جو چوڻ هوته شاهين فورس اهڙن علائقن ۾ ويندي جتي پوليس موبائل نٿي وڃي سگهي، شاهين فورس ۾ گهڻي قدر جوان ايليٽ ڪورس ڪندڙ ۽ ڪمانڊوز هوندا.










