ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي شهر ۾ موسم ڪڪر رهڻ جو امڪان آهي ۽ شهر قائد ۾ ڪجهه هنڌن تي بوندا باندی جي اڳڪٿي پڻ ڪئي وئي آهي.موسميات کاتي موجب ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران موسم جزوي طور تي ڪڪر ۽ نم رهڻ جو امڪان آهي.موسميات کاتي جي عملدارن جو چوڻ آهي ته شهر قائد ۾ ڪجهه هنڌن تي بوندا باندی جو امڪان آهي، وڌ کان وڌ گرمي پد 31 کان 33 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڃي سگهي ٿو.موسميات کاتي موجب هوا ۾ نمي 78 سيڪڙو آهي ۽ سامونڊي هوائون 7 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هلي رهيون آهن.










