ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي صحت واري وزير عذرا فضل پيچوهو ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ منڪي پوڪس جي ڪنهن به ڪيس جي ترديد ڪري ڇڏي آهي.ڪراچي ۾ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي صحت واري صوبائي وزير چيو ته ڪراچي ۾ هن وقت منڪي پوڪس جو ڪو به تصديق ٿيل ڪيس ناهي، لياري جي هڪ ٻار ۾ منڪي پوڪس جي شڪي ٽيسٽ ڪئي وئي آهي ۽ رپورٽ اچڻي آهي، گهڻو امڪان آهي ته اهو ئي ڪيس آهي. ٻار کي ڪڪڙ جي بيماري آهي.هن چيو ته سنڌ ۾ هن وقت تائين منڪي پوڪس جو ڪو به ڪيس سامهون ناهي آيو.صحت واري وزير چيو ته ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن 1000 منڪي پوڪس ڪٽس فراهم ڪيون آهن، منڪي پوڪس بابت الرٽ آهي ۽ ايئرپورٽ تي پڻ الرٽ جاري ڪيو ويو آهي. هن چيو ته منڪي پوڪس مان موت جي شرح تمام گهٽ آهي، هن بيماريءَ جي ڪا به ويڪسين موجود نه آهي، پر اسمال پوڪس جي ويڪسين موجود آهي، جنهن تي تحقيق ڪئي پئي وڃي، اها ويڪسين مونڪي پوڪس تي به ڪم ڪري ٿي.










