ڪراچي ۾ قائداعظم جي مزار تي گارڊز تبديلي جي پروقار تقريب

ڪراچي ۾ قائداعظم جي مزار تي گارڊز تبديلي جي پروقار تقريب

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) يوم آزادي جي ڏينهن تي قائداعظم محمد علي جناح جي مزار تي گارڊز جي تبديلي جي پروقار تقريب منعقد ڪئي وئي. پاڪستان نيول اڪيڊمي جي ڪيڊٽس قائداعظم جي مزار تي اعزازي گارڊز جي ذميواري جا فرض سنڀالي ورتا آهن. پاڪستان نيول اڪيڊمي جا ڪيڊٽس هر سال 14 آگسٽ تي اها ذميواري سنڀاليندا آهن.گارڊز تبديلي جي پروقار تقريب جو خاص مهمان ڪمانڊنٽ پاڪستان نيول اڪيڊمي ڪموڊور محمد خان هو جڏهن ته پريڊ ڪماندر جا فرض ليفٽيننٽ ڪمانڊر احمد حسن سرانجام ڏنا.باني پاڪستان قائداعظم جي مزار تي اعزازي گارڊز ۾ 2 دستا شامل آهن، اعزازي گارڊز جو هڪ دستو پاڪ بحريه جي سيلرز تي ٻڌل آهي جڏهن ته ٻيو دستو پاڪستان نيول اڪيڊمي جي ڪيڊٽس تي ٻڌل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو