ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ روڊ تي عورتن سان بدتميزي جا 2 شرمناڪ واقعا سامهون آيا آهن.ڪراچي جي اورنگي ٽائون علائقي ۾، هڪ موٽرسائيڪل سوار روڊ تي هلندڙ هڪ عورت سان بدتميزي ڪئي ۽ فرار ٿي ويو.ان کان علاوه، ملير الفلاح ۾ هڪ ٻيو شرمناڪ واقعو پيش آيو جتي روڊ تي هلندڙ هڪ عورت سان بدتميزي ڪئي وئي.ٻنهي واقعن ۾، ڪو به جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيو.










