ڪراچي ۾ شهيد ٿيل اهلڪار جي تدفين

ڪراچي ۾ شهيد ٿيل اهلڪار جي تدفين

نوشھروفيروز (رپورٽ منظور ملڪ) ڪراچي جي سهراب گوٺ واري علائقي ۾ پوليس مقابلي دوران شهيد ٿيل پوليس هيڊ ڪانسٽيبل رحمت الله پنهور جي آخري رسم سندس اباڻي ڳوٺ بچل پنهور ۾ ادا ڪئي وئي. جنازي نماز بعد سندس مڙهه سوين آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. شهيد پوليس هيڊ ڪانسٽيبل رحمت الله پنهور جو مڙهه سرڪاري اعزاز سان سندس اباڻي ڳوٺ آندو ويو. شهيد جي جنازي نماز ۾ ايس ايس پي نوشهروفيروز عبدالقيوم پتافي ، ڊي ايس پي سٽي امداد علي سولنگي ۽ ٻين رينجرز ۽ پوليس آفيسرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ۽ شهيد کي سندس بهادري تي خراج عقيدت پيش ڪيو. پوليس جي اسپيشل فورس شهيد جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهي، پوليس جي دستي سلامي ڏني. شهيد هيڊ ڪانسٽيبل رحمت الله پنهور 2009ع ۾ پوليس کاتي ۾ ڪانسٽيبل طور ڀرتي ٿيو. شهيد رحمت الله پنهور هڪ پٽ ۽ 04 ڌيئرن جو پيءُ هو.

پهنجو تبصرو موڪليو