ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ ۾ اڄ کان مون سون جون هوائون داخل ٿينديون، ڪراچي ۾ سڀاڻي کان گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي.موسميات کاتي موجب صوبي جي مختلف شهرن ۾ 19 آگسٽ تائين گجگوڙ سان برسات پئجي سگهي ٿي، ملڪ ۾ مون سون جو سلسلو 25 آگسٽ تائين جاري رهڻ جو امڪان آهي.موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته 19 آگسٽ تائين ڪراچي، گهوٽڪي، ميرپورخاص، عمرڪوٽ، سانگهڙ، ٺٽو ۽ سکر سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ گجگوڙ سان برسات پئجي سگهي ٿي.اين ڊي ايم اي پنجاب جي وڏن شهرن ۾ شهري ٻوڏ جي اڳڪٿي ڪئي آهي، جڏهن ته گوجرانوالا، حافظ آباد ۽ چنيوٽ ۾ تيز برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.وزيراعظم اين ڊي ايم اي، پي ڊي ايم ايز ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي هاءِ الرٽ رهڻ جي هدايت ڪئي آهي.وزيراعظم وڌيڪ چيو ته هو ڊيش بورڊ تان 25 آگسٽ تائين مون سون جي متوقع شديد اسپيل جي پاڻ نگراني ڪري رهيو آهي، ايمرجنسي جي صورت ۾ ماڻهن کي ڪڍڻ ۽ نيڪال جي تياري کي يقيني بڻايو وڃي.










