ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) مبينا ٽائون ٿاڻي جي حد ۾ هڪ فليٽ مان ڇوڪريءَ جو لاش هٿ آيو، جنهن کي تشدد دوران مزاحمت تي قتل ڪيو ويو.شهر جي علائقي موسميات ڀرسان رهائشي عمارت جي فليٽ مان نوجوان ڇوڪري جو لاش هٿ آيو، ايس ايڇ او احمد مجتبيٰ جو چوڻ آهي ته مقتول ناري جي سڃاڻپ 15 ورهين جي زينب نعيم طور ٿي آهي، جنهن کي گهٽا ڏئي قتل ڪيو ويو.پوليس موجب واقعي جو اطلاع ملندي ئي گشت تي موجود پوليس اهلڪار موقعي تي پهچي ويا ۽ جوابدار عرفان کوکر کي گرفتار ڪري ورتو، جوابدار پيشي پلمبر آهي ۽ هو گهر آيو ته زينب سان زيادتي جي ڪوشش ڪيائين، جڏهن ته مزاحمت ڪرڻ تي عرفان کيس قتل ڪري ڇڏيو.پوليس جو چوڻ آهي ته دانهن جو ٻڌي پاڙي جا رهواسي گڏ ٿي ويا ۽ پوليس کي اطلاع ڏنو، پوليس به بروقت پهچي جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو.ايس ايڇ او مبينا ٽائون وڌيڪ ٻڌايو ته واقعي وقت زينب گهر ۾ اڪيلي هئي ۽ عرفان اڳ ۾ گهر ۾ ڪم ڪندو هو جنهن سبب کيس خبر هئي ته زينب ان وقت گهر ۾ اڪيلي هئي.










