ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ 24 ڪلاڪن ۾ ڦورو هڪ پيرسن شهري کان حياتي کسي ورتي جڏهن ته مزاحمت تي فائرنگ جي واقعي ۾ 10 شهري زخمي ٿي پيا لانڍي شرافي ڳوٺ ۾ ڦر دوران مزاحمت تي ذوالفقار نالي شهري زخمي ٿي پيو اورنگي ٽائون 5 نمبر ۾ 25 ورهين جو صالح، بلديه ٽائون ۾ 45 ورهين جو محب، نادرن باءِ پاس ويجهو 60 ورهين جو شرافت ۽ فيڊرل بي ايريا ۾ معاذ واسطي نالي نوجوان زخمي ٿيو نيو ڪراچي نمبر ساڍا 6 ويجهو نصرالله، ڌوراجي ۾ حبيب شاهه، منگهوپير ۾ عبدالمالڪ ۽ نارٿ ناظم آباد ۾ محمدنعيم ڦورن جي فائرنگ ۾ زخمي ٿي پيو گذريل ڏينهن ڪراچي جي علائقي پي اي سي ايڇ ايس ۾ طارق روڊ ويجهو جوابدارن 125 موٽر سائيڪل کسڻ جي مزاحمت تي هڪ دڪان جي پيرسن چوڪيدار کان حياتي کسي ورتي. پوليس جا ناڪا ۽ اسنيپ چيڪنگ ڦورن جو رستو نه روڪي سگهيا جڏهن ته شهري ڊپ جو شڪار آهن.










