ڪراچي جي بهتري لاءِ 18 ارب 80 ڪروڙ رپين جا منصوبا منظور

ڪراچي جي بهتري لاءِ 18 ارب 80 ڪروڙ رپين جا منصوبا منظور

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)ناڻي واري وزير سينيٽر اسحاق ڊار جي صدارت هيٺ قومي اقتصادي ڪائونسل (اي سي اين سي) جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ 110 ارب رپين کان وڌيڪ جي منصوبن جي منظوري ڏني وئي.اسلام آباد ۾ ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار جي صدارت هيٺ ايڪنڪ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڪيترن ئي منصوبن جي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ ڪورنگي ۽ ملير سميت ڪراچي ۾ انفراسٽرڪچر جي بهتري جي منصوبن جي منظوري ڏني وئي، منصوبن تي 18 ارب 80 ڪروڙ رپيا لاڳت ايندي. ڪورنگي ۽ ملير سميت ڪراچي ۾ انفراسٽرڪچر جي بهتري لاءِ 18 ارب 80 ڪروڙ رپين جي لاڳت سان زرعي ٽيوب ويلن کي سولر تي تبديل ڪيو ويندو.ناڻي واري وزارت موجب عالمي بئنڪ ڪراچي منصوبي لاءِ 16 ارب 70 ڪروڙ رپيا قرض ڏيندو.ناڻي واري وزير جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ ملڪي سطح تي زرعي ٽيوب ويلن کي سولر پاور تي منتقل ڪرڻ جي منصوبي جي به منظوري ڏني وئي، چئني صوبن کانسواءِ اسلام آباد کي به منصوبي ۾ شامل ڪيو ويو آهي، اسلام آباد انٽرنيشنل جي آئوٽ سورسنگ جي رٿابندي ڪئي وئي آهي. ايئرپورٽ پڻ منظور ڪيو ويو. ان کان علاوه گلگت بلتستان ۾ ماحوليات ۽ ڳوٺاڻي ترقي جي منصوبن جي به منظوري ڏني وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو