ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سربراهه خالد مقبول صديقي چيو آهي ته ڪراچي ۾ رهندڙ اسان جي خيرات جي ڪري زندگي گذارين ٿا.ڊي ايم سي ڪورنگي پاران منعقد ڪيل ڪتاب ميلي جي پڄاڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي خالد مقبول صديقي چيو ته جعلي بلدياتي چونڊن ذريعي ڪراچي تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جيڪي ڪراچي ۾ رهن ٿا اهي اسان جي خيرات جي ڪري رهن ٿا.هن چيو ته علم جو فروغ اولين ترجيح آهي، علم ظلم کي رد ڪرڻ سيکاري ٿو.










