ڪراچي ۾ برسات متوقع، 100 ملي ميٽر برسات جو امڪان

ڪراچي ۾ برسات متوقع، 100 ملي ميٽر برسات جو امڪان

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)موسميات کاتي اڄ شام ڪراچي ۾ برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي.خانگي موسميات کاتي خبردار ڪيو آهي ته شهر ۾ اڄ شام يا اربع جي رات تائين برسات جو امڪان آهي، جنهن دوران 30 کان 50 کان 100 ملي ميٽر برسات پئجي سگهي ٿي.ٻئي طرف چيف ميٽولوجسٽ سردار سرفراز جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ اڄ هلڪي برسات ۽ سڀاڻي تيز برسات جو امڪان آهي، سڀاڻي 30 کان 50 ملي ميٽر برسات جو امڪان آهي، برسات جو اهو سلسلو 31 جولاءِ تائين جاري رهندو. سردار سرفراز موجب 4 آگسٽ تي هڪ ٻيو اسپيل آهي، مون سون جي موسمي صورتحال جهڙي ريت هومي سبب آگسٽ جي پهرين هفتي جي آخر تائين ملڪ جي مختلف شهرن ۾ برسات جو امڪان آهي.چيف ميٽولوجسٽ چيو ته لو پريشر وچ هندستاني گجرات طرف وڌڻ سبب ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، مٺي، حيدرآباد ۽ سنڌ جي ٻين هنڌن تي به برسات جو امڪان آهي.ٻئي طرف پنجاب ۾ مون سون جون برساتون ڏکڻ وارن علائقن تائين پکڙجڻ جو امڪان آهي.موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته اڄ اسلام آباد، خيبرپختونخواهه، ڪشمير ۽ بلوچستان جي ڪجهه علائقن ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات پئجي سگهي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو