ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)موسميات کاتي ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي.موسميات کاتي موجب، خليج بنگال ۾ گهٽ دٻاءُ وارو نظام موجود آهي ۽ اهو نظام 7 کان 11 سيپٽمبر تائين سنڌ کي متاثر ڪري سگهي ٿو.موسميات کاتي چيو ته هن نظام تحت، سنڌ ۾ وچولي کان تيز برسات جو امڪان آهي، جڏهن ته هن دوران ڪراچي ۾ به مينهن جو امڪان آهي.موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته شهر ۾ تيز برسات جي صورت ۾، شهري ٻوڏ جو خطرو پڻ آهي.










