ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)موسميات جي تجزيه نگار جواد ميمڻ جو چوڻ آهي ته هاءِ پريشر سبب ڪراچي ۾ برسات جا امڪان گهٽ آهن.موسميات جي تجزيه نگار جواد ميمڻ چيو آهي ته گهٽ دٻاءُ اوڀر گجرات ۽ وچ هندستان جي ويجهو آهي.هن ٻڌايو ته مون سون جون هوائون ڪراچي طرف اچي رهيون آهن، اهي مون سون هوائون ڏکڻ اوڀر ۾ ٺٽي ۽ بدين طرف وڃي رهيون آهن.موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته خشڪ هوائون افغانستان کان بلوچستان ۽ سنڌ ۾ داخل ٿي رهيون آهن.هن وڌيڪ چيو ته خشڪ هوائون ڪراچي ۾ برسات جو امڪان گهٽائي رهيون آهن، ان سسٽم جا اثر بدين تائين محدود آهن.موسميات جي تجزيه نگار جواد ميمڻ جو به چوڻ آهي ته سنڌ جي ٻين ضلعن، ٿر پارڪر، عمرڪوٽ، ننگر پارڪر، بدين، ڪي ٽي بندر ۾ مون سون جي هوائن سبب برسات جو امڪان آهي.










