ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ برسات کانپوءِ ڪيترن ئي علائقن ۾ سوئي سدرن گئس جون لائينون بند ٿي ويون. شهر جي ڪيترن ئي علائقن ۾ گئس ليڪ ٿيڻ جون شڪايتون آهن ۽ ڪجهه هنڌن تي گئس لائينن ۾ پاڻي ڀرجڻ سبب گهريلو صارفين کي گئس نه ملي رهي آهي. گلستان جوهر بلاڪ 17، محمود آباد، ڪشمير ڪالوني، اختر ڪالوني، صدر، آءِ آءِ چندريگر روڊ، سٽي ريلوي ڪالوني ۽ لياري جا مختلف علائقا گئس جي کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهن. علائقي واسين جو چوڻ آهي ته سوئي سدرن گيس جي آفيسن ۾ شڪايتون داخل ڪرڻ باوجود خرابين جو ازالو نه ڪيو پيو وڃي ۽ نه ئي ڪا ٻڌڻي ٿي رهي آهي. ماڻهون جو اهو به چوڻ آهي ته مهانگائي جي دور ۾ هوٽلن مان ماني کائي انهن جي کيسي تي وڏو وزن پيو آهي.










