ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ اڄ سخت گرمي جو مسلسل ٻيو ڏينهن آهي، شهر جو گرمي پد 40 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو پيو وڃي.موسميات کاتي موجب اڄ ڪراچي جو گرمي پد 42 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڃڻ جو امڪان آهي.موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ ٽن ڏينهن تائين موسم گرم ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان آهي، ايندڙ ٽن ڏينهن دوران پارو 39 کان 41 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي سگهي ٿو.شهر ۾ هوا ۾ نمي جو تناسب 29 سيڪڙو آهي، جنهن سبب گرمي پد 43 ڊگري سينٽي گريڊ تي محسوس ڪيو پيو وڃي، هوائون اتر اولهه کان هلڪي رفتار سان هلي رهيون آهن.موسميات کاتي جو اهو به چوڻ آهي ته اسلام آباد ۾ گجگوڙ سان برسات شروع ٿي وئي آهي ۽ اهو برسات سومر جي صبح تائين جاري رهندي.










