ڪراچي ۾ موسم سخت گرم رهڻ جو امڪان،مختلف علائقن ۾  برسات

ڪراچي ۾ موسم سخت گرم رهڻ جو امڪان،مختلف علائقن ۾ برسات

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ اڄ موسم انتهائي گرم ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان آهي.موسميات کاتي موجب اڄ شهر ۾ گرمي پد 40 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي سگهي ٿو، جڏهن ته شام يا رات جي وقت ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن سان گڏ برسات جو به امڪان آهي.موسميات کاتي جي عملدارن جو چوڻ آهي ته آچر ۽ سومر تي شهر ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان آهي، آچر تي شام يا رات جي وقت گجگوڙ سان هلڪي برسات جو امڪان آهي، جنهن دوران وڌ ۾ وڌ گرمي پد 36 کان 38 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهندو. تائين رهي سگهي ٿو موسميات کاتي موجب مون سون جون هوائون مسلسل سنڌ ۾ داخل ٿي رهيون آهن، جنهن سبب اڄ ۽ سڀاڻي سنڌ جي مختلف هنڌن تي گجگوڙ، وچولي ۽ تيز برسات پئجي سگهي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو