ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)چيف ميٽولوجسٽ سردار سرفراز چيو ته ڪراچي ۾ اڃا به برسات جو امڪان آهي، شهر ۾ اڄ شام ۽ اڄ رات سٺي برسات جو امڪان آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ سردار سرفراز چيو ته مون سون سسٽم جو مرڪز عربي سمنڊ ۾ آهي، سسٽم جي شدت برقرار آهي، جنهن سبب شام ۾ گجگوڙ ۽ برسات جو امڪان آهي.هن وڌيڪ چيو ته گذريل ڏينهن اوڀر سنڌ ۾ سٺي برسات پئي، سکر، روهڙي ۽ حيدرآباد ۾ به سٺي برسات پئي.چيف ميٽولوجسٽ سردار سرفراز جو چوڻ هو ته سڄي ملڪ ۾ برسات جو سلسلو جاري آهي.موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران گجگوڙ سان گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ شام جي وقت گجگوڙ سان تيز برسات جو امڪان آهي. قائد جي شهر ۾ گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 28 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو جڏهن ته وڌ ۾ وڌ گرمي پد 33 کان 35 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي.










